اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جو بنيادي سبب درآمدي ناڻي واڌ آهي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو نظام اشرافيا جي ل??ءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي سهولتون اميرن ۽ اشرافيا ل??ءِ هيون، حضرت محمد ﷺ پهرين فلاحي رياست ٺاهي پوءِ خوشحالي آئي، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو پر اسان ليوي ۽ سيلز ٽيڪس ۾ 400 ارب روپين جو ساليانو خسارو برداشت ڪري صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، قيمتن ۾ اضافي جو اسان کي احساس آهي، انهي ل??ءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪمزور طبقن کي ٽاگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هو ڪامياب پاڪستان پروگرام جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ناڻي وارو وز??ر، وز??راعظم جو نوجوانن واري معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انوار علي حيدر به خطاب ڪيو. وز??راعظم ناڻي واري وز??ر شوڪت ترين ۽ ان جي ٽيم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي آغاز تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پروگرام 74 سال پهرين شروع ٿيڻ گهرجي ها، اسان جي اها سوچ غلط هئي ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، وز??راعظم چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه اسان دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت ??ه هئي، هو دنيا جي امام بڻجي وئي.وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي پيروي جو حڪم اسان جي بهتري ل??ءِ آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اختيار ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وز??راعظم چيو ته مديني ۾ پهرين فلاحي رياست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي مقابلي ۾ ترقي جي رستي تي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي مٿي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن ل??ءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غربت مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وز??راعظم چيو ته اسان جي مثالي اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ ل??ءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ها ان تي طرف ڌيان نه ڏنو ويو. بدقسمتي سان اسان جو ملڪ هڪ مخصوص اشرافيا جو ملڪ بڻجي ويو، اسان جي تعليمي نظام ۾ هڪ مخصوص طبقي ل??ءِ موقعا هئا، اسان هڪ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيا جي ل??ءِ هيون، وز??راعظم چيو ته 1700ع ۾ هندستان جو جي ڊي پي 24 سيڪڙو هو، اتي اميرن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار ۾ واضح فرق هو، اميرن جي جزيرن ۽ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ڪو به معاشرو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وز??راعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي وچولي طبقي کي مٿي آڻيون ان جي ل??ءِ هائوسنگ جي شعبي ۾ فنانسنگ جو مشڪلاتون ختم ڪيون، ڪمرشل بئنڪن وٽ انفرااسٽرڪچر۽ تربيت جي گهٽتائي جي ڪري اسان ناڻي واري وز??ر شوڪت ترين جي مائيڪرو فنانس جي تصور سان اتفاق ڪيو. وز??راعظم عمران خان چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هڪ سنگ ميل ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ ل??ءِ قدمن سان برڪت ايندي آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريب ماڻهو کي علاج جي مفت سهولت جي فراهمي هو، ان وقت اسان کي چيو ويو ته جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ته اسپتال بند ٿي ويندي، اسان 70 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج شروع ڪيو هر گذرندڙ سال اسان کي پاڪستانين پاران ملندڙ عطئي ۾ اضافو ٿيو، هر سال 90 ارب روپيا مفت علاج تي خرچ ٿي رهيا آهن، اها الله جي برڪت آهي، غريبن جو دعائون الله ٻڌندو آهي، اسان ماضي ۾ ڪمزور ۽ غريب طبقي ل??ءِ نه سوچيو، حڪومتي نظام اشرافيا ل??ءِ بڻجي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ تي مزاحمت ٿيندي آهي، وز??راعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي مانيٽرنگ ل??ءِ نظام هجڻ گهرجي، وز??راعظم چيو ته حڪومت غربت کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اسان 22 سيڪڙو اضافو ڪيو جن ملڪن ۾ تيل جي پيداوار آهي ان کانسو??ءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سڀني کان گهٽ اضافو اسان ڪيو، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو جڏهن ته اسان 21 سيڪڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اسان ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 40 ارب روپيا خسارو برداشت ڪيو، ان جي مقابلي ۾ هندستان سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وز??راعظم چيو ته اسان کي قيمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي استعمال جي شين تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين، وز??راعظم چيو ته اسان 70 سيڪڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي ناڻي واڌ جي ڪري مهانگائي آهي.