اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊا??ٽر فه??يد?? مرزا به موجود هئي. صدر ٽوڪيو پيرا اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لاءِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ به پيش ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکار??ند??. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ڊا??ٽر فه??يد?? مرزا چيو ته راندين جي نئين پاليسي ۾ خصوصي ماڻهن کي به شامل ڪنداسين.