اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفير نو??ف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صد?? ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صد?? کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون ش??بو قائم ڪري رهي آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صد?? چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بش??ول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.