اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار ميڊيا تي يقين رکي ٿي، پي ??يم ڊي اي تحت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻجندو، اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز وٽ پنهنجي ايشوز جي حل لاءِ ڪو به پليٽ فارم نه هو، پاڪستان ميڊيا ڊو??پمينٽ اٿارٽي (پي ??يم ڊي اي) فريم ورڪ تي هاڻي مشاورت جو عمل جاري آهي، ان تي (ن) ليگ جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، پي ??يم ڊي اي تي تنقيد ڪندڙ مريم اورنگزيب پاڻ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته پي ??يم ڊي اي، ميڊيا ڊو??پمينٽ لاءِ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ڇت هيٺ متحد ڪري آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ترقي يافته ملڪ ميڊيا جي ارتقائي عمل ۽ درپيش چئلينجز مان جهڙي طرح سرخرو ٿيا اهڙن طريقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پي ??يم ڊي اي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ته رات جي پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين مشاورت جي روايت وڌي آهي، (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ميڊيا سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ميڊيا ۽ عوام سڀ ڄاڻي ٿي، هن چيو ته آزاد صحافت تي ڪا به پابندي نه لڳائي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو پي ??يم ڊي اي جي مرضي موجب تشريح ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته پي ??يم ڊي اي تي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پريس ڪلبز، ميڊيا تنظيمن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي. هن چيو ته اسٽيڪ هولڊرز پاران ميڊيا ڊو??پمينٽ، ڊجيٽل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جي تحفظ جي قدمن تي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي وئي، اسان آئين جي آرٽيڪ?? 19 ??حت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي، ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ??يم ڊي اي بل جا نقطا نه پڙهيا آهن نه ڏٺا آهن ان جي باوجود پي ??يم ڊي اي کي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جي ور چاڙ??ي رهي آهي، هن چيو ته ميڊيا بابت ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ پاڪستان ميڊيا ڊو??پمينٽ اٿارٽي ٺا??ي رهيا آهيون.