مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ??يو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ا?? دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پ??ڪس??ان عمران خان پاران پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاو?? خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.