اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مختلف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوالي سان جار?? سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان جسٽس شاهد ??ري?? جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ??ري?? جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف عدالتي مامرن ۽ جار?? سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ ر??او??ن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر م??ڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.