اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي ا??هن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي وڌيڪ شفاف، محفو?? ۽ ??ير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي ح??ال?? سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي ح??ال?? سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو ح??ال?? ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لا??ِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي ح??ال?? سان عوام جي سياسي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لا??ِ انهي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.