اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ ا??يمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمرا?? خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمرا?? خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت ج?? جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمرا?? خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.