اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان احساس ڪفالت تحت مستحقين جي داخلا جو جائزو وٺڻ ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لا??ِ اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪندو، نئين مستحقين جي داخلا نئين سروي جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي، احساس ??روي 68 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ نئين سرو?? تحت نشاندهي ڪيل مستحق ماڻه?? کي اڄ اربع کان ادائيگيون ڪيون وينديون. غربت جي خاتمي ۽ سماج?? تحفظ ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب نئين سروي ذريعي داخل ڪيل سمورن مستحق ماڻه?? کي مستقل بنيادن تي 2000 رپيا ماهوار ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي بنيادي ضرورتن ۾ انهن جي مدد ڪري سگهجي. مجموعي طور تي 70 لک مستحقي?? کي احساس ڪفالت ۾ شامل ڪيو ويندو، انه?? کي جنوري کان جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ 12000 رپيا ڏنا ويندا. هر مستحق کي ايس ايم ايس ملندو جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته انه?? کي احساس پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهي پنهنجي امدادي رقم وصول ڪري سگهن ٿا. ان کانسوا??ِ ان حوالي سان انه?? کي هڪ سرڪاري خط پڻ ملندو. اهي مستحق عورتون 6000 رپيا في ٽه ماهي وصول ڪنديون. خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا مستحقين بائيو ميٽرڪ اي ٽي ايمز، مقرر ڪيل ريٽيل شاپس ۽ بئنڪ الفلاح جي ڪئمپ سائيٽس تان جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جا مستحقين حبيب بئنڪ جي ڪئمپ سائيٽس تان رقم ڪڍرائي سگهندا. مستحق خاندان?? کي ادائيگي جا پيغام مرحليوار بنيادن تي موڪليا پيا وڃن.