اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آ??ي ته مسجدن جا عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ سان ماءُ ۽ ٻار ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رهن ٿا، دٻي جو کير ماءُ جي کير جو متبادل نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي فروغ ۽ تحفظ جي م??ض??ع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.