اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان قطر ايئر فور?? جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪس??ان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪس??ان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪس??ان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪس??ان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.