رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب منش??ات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب پاڪستان کي منش??ات جو سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي دؤري دوران وفاقي وزير سعودي عرب ج?? اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاق?? جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منش??ات جي خاتم?? جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن منش??ات جي خاتم?? جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو وزير سعودي عرب ج?? اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊ?? جي کي پاڪستان جي دؤر?? جي دعوت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته منش??ات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آهي. پاڪستان سعودي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سعود?? اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي ادار?? اي اين ايف سان رابطي ۾ آهي. اين ايف سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 منش??ات جا ملزم پڪڙيا ويا.