اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف عل?? زرداري ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خوارج مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ ??حمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف عل?? زرداري لانس نائيڪ ??حمد امين شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف عل?? زرداري لانس نائيڪ ??حمد امين شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لانس نائيڪ ??حمد امين شهيد جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.