اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپر??م ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپر??م ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 ه??ار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپر??م ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جس??س جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست ??ي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 ه??ار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ??نا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپر??م ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ??نا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جس??س جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.