اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان ره??و ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ??رتو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ??و. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري ??اءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قي??تن ۾ واڌ، 117 جي قي??تن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.