اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ??اري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀلي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم جمع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خاطر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄاڻايل بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل برانچون 30 نومبر ۽ ??هر??ن ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان ??ڍائي وڳي تائين کولي رکن. ان کان ??ڳ حج ??اليسيءَ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يعني نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، الائيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، بئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، فيصل بئنڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ الحبيب، حبيب ميٽرو پوليٽن بئنڪ، سنهري بئنڪ، ميزان ??ئنڪ ۽ بئن?? اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته اهي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان ??رخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪري سگهن ٿا.