راولپنڊي- 22 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپريشن د??را?? 3 انتهائي گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن د??را?? سيڪيورٽي فورسز خوارجي جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان ??شانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خوارج مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. مارجي ويل خوارجين وٽان ??ٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل خوارجي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهجي ويل خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب 20 کان 22 نومبر 2024ع د??را?? بلوچستان ۾ ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. آواران ۾ آپريشن ۾ انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي آپريشن د??را?? فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي دهشتگرد هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا جن جي سڃاڻپ نياز عرف گهمن ۽ ظر??ف عرف شاهه جهان طور ٿي. ڊيره بگٽي ۾ آپريشن د??را?? هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو. ڪيچ ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپيرشن د??را?? هڪ ٻئي دهشتگرد کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بي گناهه شهرين جي ق??ل ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان ??هچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.