اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ آج ٽي وي گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شهاب زبيري جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنج?? تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهاب زبيري جي والده جي وفات جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والده جهري عظيم هستي جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو وارثن لاءِ وڏو سانحو آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند ??رمائي ۽ خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري.