اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پخت??نخ??ا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. س??ني?? چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر فيڊريشن ڪائونسل آف فيڊريشن ويلنٽينيا ميٽوينڪو جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪس??ان جي دؤري تي آيل خاص پارلياماني وفد جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر، مختلف ملڪن جي سفيرن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊنر جو مقصد پاڪس??ان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ هو. فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي جا پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ توانائي، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ روسي سيڙپڪارن جي دلچسپي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. روسي اسپيڪر ڊنر جي دعوت تي پاڪس??ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪس??ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته روس پاڪس??ان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ مستقبل م ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.