اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني کي عالمي لاڳاپن جي ڏس ۾ پاڪستان لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه ملڪ دشمن عنصر دعويٰ ڪري رهيا هئا ته پاڪستان ??المي سطح تي اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آهي پر هاڻي ڏسي سگهجي ٿو ته وڏن ملڪن جا سربراهه پاڪستان ??و دورو ڪري چڪا آهن، ڪنهن به ملڪ جي عوام ۽ ان ??ي سافٽ اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ ثقافت جو اهم ڪردار هوندو آهي، اسان ??نيا تي باور ڪرايو آهي ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنه فرينڊ شپ سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??يس سي او سربراهه اجلاس لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن، سمورن عالمي اڳواڻن ۽ نمائندن انهن انتظامن کي ساراهيو آهي، اميد آهي ته عالمي اڳواڻ ۽ نمائندا پاڪستان مان ??هترين تاثر کڻي ويندا. وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جو شمار دنيا جي خوبصورت شهرن ۾ ٿئي ٿو، هتي مارگلا هل ۽ راول ڍنڍ اسلام آباد جا خوبصورت تفريحي ماڳ آهن، اسلام آباد ۾ ڪلين اينڊ گرين ماحول ذڪر جوڳو آهي، ايئر ڪوالٽي انڊيڪس بهتر آهي. ايس سي او سربراهه ڪان??رن?? ۾ شرڪت ڪندڙن تمام سٺن تاثرن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته 27 سال کانپوءِ ڪو وڏو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي جيڪو اسان لاءِ اعزاز جو سبب آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو آغاز شنگهائي فائيو جي نالي سان ٿيو، اڄ ان ??ا 10 مستقل ميمبر ۽ ٻه مبصر ملڪ آهن. هن چيو ته سومر ڏينهن سمورن آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ويو، سندن اعزاز ۾ وزيراعظم طرفان ??جياڻو ڏنو ويو جڏهن ته مهمانن لاءِ هڪ ثقافتي تقريب به منعقد ڪئي وئي جنهن کي معزز مهمانن پاران ??اراهيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ايس سي او سربراهه ڪان??رن?? جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ پرڏيهي صحافين لاءِ ميڊيا فيسليٽيشن سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ان ??ينٽر ۾ جديد ترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته مختلف ملڪن کان ??يل صحافي هتي موجود آهن، کين ميڊيا فيسليٽيشن سينٽر ۾ هڪ ڇت هيٺ سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هو پنهنجا پيشيوراڻا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي ملڪن ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪوريج پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او سربراهه ڪان??رن?? ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي روڪٿام، موسمياتي تبديلي ۽ افغانستان ??ي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اهڙن فورمن ۾ خطي جي اجتماعي مسئلن سميت سيڙپڪاري ۽ واپار، معيشت، امن، سيڪيورٽي ۽ ثقافت جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ ايندا آهن. هن چيو ته وچ اوڀر، چين، منگوليا، روس سميت ٻين ملڪن سان ??سان ??ا ثقافتي قدر گڏيل آهن. ايس سي او سربراهه ڪان??رن?? جي موقعي تي پوري خطي جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ثقافتي مٽاسٽا کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به ملڪ جي عوام ۽ ان ??ي سافٽ اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ ثقافت جو اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته اسان ??نيا کي باور ڪرايو آهي ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، اڄ پاڪستان ??يس سي او اجلاس جي صدارت ڪئي، ايس سي او جي صدارت پاڪستان لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. هن چيو ته آيل سمورن مهمانن جا ٿورائتا آهيون، جن گهڻ رخي فورم ۾ اجتماعي مسئلا بحث هيٺ آندا، اڳتي وڌڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ان ??ان گڏوگڏ ايس سي او سربراهه ڪان??رن?? جي سائيڊ لائن تي ملاقاتون به ٿي رهيون آهن. وزيراعظم جي قزاخستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ??ي وزيراعظمن ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون ٿيون، اهي ملاقاتون سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ گهڻيون اهم هيون. هن چيو ته گڏيل تعاون، انڊسٽري، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ اهم ڳالهه ٿي. هن چيو ته وفاقي وزيرن ۽ فوڪل پرسنز مختلف وفدن سان ??يڙپڪاري ۽ واپاري جي حوالي سان معاملا طئي ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ٻطرفي ملاقات جي جي ڪا رسمي درخواست ناهي ملي، تنهن هوندي به ڀارتي وفد جي آمد عالمي سطح تي هڪ بهترين اشارو آهي. هن چيو ته پاڪستان ??ي وزيرن جي روس جي هاڻوڪي دورن دوران ??وس پاڪستان ??ي زراعت، گئس، تيل ۽ کاڻين جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو. روس سان ??سان ??ا ٻطرفا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ بهتر ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن.