نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا ق??ئم آهن، پاڪستان ڪويت سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان ملاقات ۾ چئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻ?? لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن جنهن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون ۽ عوامي ۽ سماجي مٽاسٽا ??ڌا??ڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تحت ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ سيڙپڪاري ??ڌا??ڻ ج?? لاءِ عم??در??مد جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون ??ڌا??ڻ جو ورجاءُ ڪيو.