اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? واديءَ تيراهه جي ضلعي خيبر ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ??ند?? چيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ دهشتگردن جي خلاف ڪارر??اي??ن جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ک?? ساراهيو. صدر دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.