اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ ??ي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊميز جي تياري ??ي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سنڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي، تربيتي سهولتون ب??تر بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلينٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جو ڪرڪيٽ ٽيلينٽ اجاگر ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن چيو ته راندين ۽ ڪرڪيٽ ليگز منعقد ڪرڻ سان راندين جي سياحت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد صدر کي سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر ب??تر بڻائڻ ۾ ليگ جي ڪردار بابت ٻڌايو. وفد سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن جي ڪاميابين بابت ٻڌايو ته نوجوان ٽيلينٽ جي تربيت ??ي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمن?? سينٽر قائم ڪيو و??ند??. وفد صدر کي سنڌ پريميئر ليگ کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي حوصلا افزائي، فروغ ??ي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي کي ب??تر بڻائڻ لاءِ مدد ??ي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي وفد صدر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.