اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، سڀئي پارٽيون ??ڏج?? ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چي?? ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان سڀني کي ئي ان کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳالهه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، اسان کي ??ڏج?? ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، بلوچستان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، جلد وزيراعظم بلوچستان ويندو جڏهن ته گهرو وزير بلوچستان پهچي چڪو آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، رياست پاڪستان کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگ??ن ٿيون. هن چي?? ته جبلن تي چڙهي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين ??ڏج?? ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چي?? ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چي?? ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چي?? ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺي?? نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن جو مڪمل صفا??و ڪيو ويندو. هن چي?? ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چي?? ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگ??ي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگ??ي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چي?? ته بلوچستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحاق ڊار چي?? ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اسان کي سياس?? نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي ??ڏج?? سوچون، دشمن چاهي ٿ?? ته پاڪستان معاشي قو?? نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چي?? ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.