اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پا??يدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، اميد آهي ته جينڊر ايمپ??ور??ينٽ ۽ گرين اڪانامي جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهن، جن کي خودمختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پا??يدار ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پا??يدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پا??ليامينٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي پا??ليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته عورتن خلاف اعتراض جوڳن لفظن جو استعمال قبولڻ جوڳو ناهي. موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ اهم عالمي مسئلو آهي، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم ??ڻڻ جو سلسلو جاري آهي، گرين اڪانامي جي سلسلي ۾ وف??قي حڪومت طرفان بلوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم کي ان اهم مسئلي تي ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اسپيڪر اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي.