اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪر?? گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن ??اثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بريفنگ جي پيغام کي حقيقت کان هٽي ڪري ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بريفنگ جي ريڪوئسٽ قومي سلامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قومي سلامتي کي سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن ??اثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، قومي سالامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي اجاگر نه ڪر?? گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪر??و هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڇڪ??اڻ واري ماحول کي گهٽ ڪري سمورن ??دارن کي گڏجي هلڻو پوندو.