اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پا??ان پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اس??ن جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پا??ان پاڪستاني ثقافت تي فلم دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ فلم ??احد صن??ت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. اها ڳالهه هن هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستاني ثقافت تي ٻڌل فلم جي تياري سميت ملڪ جي عظيم ثقافتي ورثي ۽ تاريخ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم کي ملڪ ۾ فلم جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن پاڪستاني ثقافت تي فلم جي تياري جي چونڊ ڪئي، اهو اس??ن جي ثقافت ۽ ماڻهن جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اس??ن جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، اس??ن کي يقين آهي ته هي فلم دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي کي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم کي پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فلم ??احد صن??ت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ اس??ن فلم ??اليسي بحال ڪئي، فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏ??و ته جيئن نوجوانن کي ان شعبي ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان فلم ??نانس فنڊ قائم ڪيو، فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس ۽ فلم انڊسٽري جي لاءِ ٽيڪس مراعتن سان فلم انڊسٽري ۽ ان سان واڳيل شعبن کي فروغ مليو. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم سازن کي 5 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي، نئين سئنيما گهرن، پروڊڪشن هائوسز، فلم ??يوزيمنز قائم ڪرڻ تي 5 سال جو انڪم ٽيڪس، فلم ۽ ڊرامي جي برآمد تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي. هن چيو ته مقامي طور تي گڏيل فلم ۽ ڊراما پروجيڪٽس تي غيرملڪي فلم سازن کي پڻ رعايت ڏني وئي آهي، ان جي لاءِ پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو فلم جي شوٽنگ جي شرط لاڳو آهي ته جيئن سياحت ۽ ثقافت سميت ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملي. هن چيو ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان پنهنجو بيانيو عالمي سطح تي پهچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پا??ان تيار ڪئي ويندڙ فلم ??اڪستاني فلمي صن??ت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، فلم جي تياري سان سڄي دنيا جي ماڻهن کي پاڪستان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ۽ ملڪ جو سافٽ اميج اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاڪستان ۾ ميزباني تي پاڪستان حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ فلمي صن??ت جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان جي دوري مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي خوبصورتي، عظيم ثقافتي ورثي ۽ ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ فلم سازي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، اس??ن ان صن??ت کي وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۾ مدد جي لاءِ پرعزم آهيون. وفد ۾ جيمز ايم سي ميلان، اينڊريو جيمز فيرو، ليوسا اسڪن، سعديه اشرف، بدر اڪرم، مشعل ثقافت شامل هئا. واضح رهي ته هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي عڪس بندي جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي.