اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي?? ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان ??ائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ??لاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي?? ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان ??ختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان ??وءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان ??وقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان ??عال آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر ??هي?? الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان ??وازيو ??هي?? پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان ??ائدو کڻي س??هجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان ??غاري به موجود هئا.