اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگا?? جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چي?? ته پاڪستان ۽ پرتگا?? جي وچ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪ??روبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ پرتگا?? جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگا?? جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميانمار جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ف??وغ تي زور ڏيندي چي?? ته پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ واپار جي ف??وغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن چي?? ته پاڪستان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نامزد سفير جي ڪ??ميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.