اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پ?? پي) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ق??مي اسيمبلي جي ن??ين چونڊيل ميمبر احسن اقبال چيو آهي ته سمورين پارٽين جي ذميواري آهي ته هو ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پ??هن??و ڪردار ادا ڪن. پارليامنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي بحرانن مان نٿي ڪٺي سگهي. سموريون سياسي پارٽيون پ??هن??ي پ??هن??ي جاءِ تي ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته سمورين پارٽين کي متحد ٿي ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ان ئي رفتار سان ٻيهر شروع ڪندي جنهن رفتار سان اسا?? 2013 ۽ 2018 ۾ ڇڏيو هو. هن چيو ته اسان اهو فيصلو پڻ ڪرڻو آهي ته اسان ملڪ کي روانگي واپار ذريعي بحران مان ڪڍڻو آهي يا قرضن سان. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي انهن سمورن آپشنز تي ڳالهائڻ گهرجي.