اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان ل??ڳا??ن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پاڪستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سم??ت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي ل??ڳا??ن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.