اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اربع ڏينهن پشا??ر ۾ ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جي حصيداري سان منعقد ٿيندڙ 46 هين ونٽر خيبر ميڊيڪل ڪاليج ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته ان کانسواءِ هُو غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، ٽوپي جو دورو ڪندو، ??تي هو تقريب کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ انٽرايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي گرلز هاسٽل جو ا??تتاح پڻ ڪندو.