اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار ??ستاد انهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پنهنجي ??ستاد نثار ??حمد سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار ??ستاد انهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ اتحاد سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهنجي ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري سگهي ٿي.