اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فل??طي?? جي معاملي تي پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فل??طي?? سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فل??طي?? جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صي??وني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فل??طي?? جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فل??طي?? جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي پاڪستان جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙين??ا. ??ن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪستان جي سمورن سربراهن فل??طي?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فل??طي??ين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فل??طي?? جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صي??وني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته پاڪستان جي رياست سدائين کان فل??طي?? جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پاڪستان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان ??ا سفارتي لاڳاپا آهن پر فل??طي?? جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو فل??طي?? جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فل??طي?? مسئلي جو حل چاهي ٿو، پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معاملي تي فل??طي?? جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فل??طي?? جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صي??وني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.