اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه ري??ستي حل ۽ 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ۽ خودمختيار فلسطيني ري??ست جي قيام سان ممڪن آهي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ??نيل قدمن کي ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي نوعيت کي تبديل ڪر?? جي مڪمل غيرقانوني ڪوشش سان نقل ڪيو آهي. ترجمان ??يو ته فلسطيني عوام وانگر ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي منتظر آهي، جيڪي انهن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪن ٿيُون. هن چيو ته نئون آبادياتي ماضي سان ??نڍيل بنياد فلسطين جي مسئلي وانگر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. ترجمان ??يو ته سڀاڻي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا 76 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارتي قابض فوج 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو ڪيو، اهڙي طرح ڪشميري عوام جي لاءِ هڪ تاريخي باب جي شروعات ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي زمين تي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڀارت پاران انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي سرزمين تي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪر?? جي منظم مهم کي قبول ڪيو ويندو. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??شميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.