اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينس?? بابت سالياني آگاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني عورتن جي ان موذي مرض ??ان موت جي شرح کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينس?? بابت آگاهي پيدا ڪر?? جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون ??ان ايوان صدر بريسٽ ڪينس?? بابت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ?? ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي ??ان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ ??ان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني عورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.