اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ ??هي?? اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ”سلام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي ??هي?? پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار ع??ن چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت منظرن سان نوازيو ??هي?? خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ع??ن چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لاءِ سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.