اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي هڪ سال گذري چڪو آهي جنهن سان ٽيون حصو پاڪس??ان پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ ٻوڏ سان لکين ايڪڙ تي ٻڌل بيٺل فصل سميت بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ جي نتيجي ?? پاڪس??ان جي معيشت کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. ??نه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهين بابت عالمي برادري کي خبردار ڪيو، اسان عالمي سطح تي موثر حڪمت عملي جو مطالبو ڪيو ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن سان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار جو عزم پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته 4 آر ايف فريم ورڪ تحت پاڪس??ان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا تازو ئي تاريخي نيشنل ايڪشن پلان 2023ع جي منظوري ڏني آهي جنهن سان بنيادي ڍانچي ۽ آبادي کي موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پاليسين کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته اسان ??نه??جي حصيدارن ۽ دوستن سان گڏجي ماحولياتي تبديلي کان تحفظ جي سفر ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائينداسين.