اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پا??ستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي لاڳاپيل وزارتن اڄ هڪ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن هڪ سال جي مدي لاءِ هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پا??ستان جي لاءِ سازگار شرطن تي ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون، ناڻي واري وفاقي وزير اس??اق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ان جي ٽيم جي محنت کي ساراهيان ٿو، عوامي خدمت جي ان عزم کانسواءِ اهو معاهدو مختصر ترين مدي ۾ ممڪن نه هو.