اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ت??فظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي ت??فظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن ??ون??ي به انهن کي پنهنجي ت??فظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان کي سامونڊي طوفان سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ و??چار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي ت??فظ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب بدين ۽ ٺٽي کي خطرو آهي، ڪراچي شهر ۾ طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون ??ون??و. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي ت??فظ لاءِ پاڻ به حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي طوفان سان بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.