اسلام آباد – 24 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وطن جي شهيدن ۽ غازين کي عقيدت جو سلام پيش ڪرڻ جي ??اءِ ”تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو“ سڀاڻي خميس ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ انهن جو احترام ڪندڙ قوم آهيون. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته قوم جو هر ٻار سڀاڻي قومي جذبي سان سرشار ٿي گهرن مان نڪري، شهيدن جي ??زارن، يادگارن تي حاضر ٿي گل نڇاور ڪري. فاتحه خواني ڪري. دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ احترام ڪندڙ قوم آهيون.