اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجابي ثقافت جي ڏهاڙي تي پنجاب واسين کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سرسبز ٻنين جي زمين پنجاب جي رهواسين کي پنجابي ثقافت جو ??ينهن تمام گهڻو مبارڪ هجي. صحرائي چولستان، اوليائن جي سرزمين ملتان، گوجرانوالا جي پهلوانن، فيصل آباد جي باذوق ماڻهن، پوٺوهار جي چاڪ ۽ چوبند بهادر جوانن ۽ زنده دلان لاهور کانسواءِ پاڪستان جي وفاق جي انڊلٺ جي خو??صو??تي اڻ مڪمل آهي.