مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولتن جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪت?? وزير اسپتال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخاري مملڪت?? وزير حنا رباني کر کي اسپتال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ضياءَ الحسن چيو ته ا??ڪس??ي جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر ??ڌڻ جي ڪري به فلمن جي قيمتن ۾ ا??اف?? ٿيو آهي، جنهن جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپتال انتظاميا مملڪت?? وزير کي اسپتال ۾ عملي، وسيلن جي گهٽتائي ۽ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. مملڪت?? وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.