اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سبي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪ??يو?? ٿا. وز??راعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا ب??ند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. وز??راعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.