اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا فرق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جار?? رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي آخري 10 ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتلام جي ٽن وڏن واقعن ۾ ملوث رهيو. هن چيو ته 21 جنوري 1990ع تي سرينگر جي علائقي گائوڪدل ۾ ڀارتي فوجين پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري 50 شهرين کي شهيد ۽ درجنين کي زخمي ڪري ڇڏيو، 25 جنوري 1990ع تي هندواڙه جي قبضي ۾ ڀارتي فوجين وڌيڪ 21 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 27 جنوري 1994ع تي ڀارتي فوجين ڪپواڙه قصبي ۾ 27 شهرين جو قتل عام ڪيو ويو. ترجمان چيو ته متاثرين ۽ ان جا گهر وارا اڄ تائين انصاف جا منتظر آهن، ان ڪڌي ڏوهه ۾ شامل ماڻهن جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ اسان شهيدن کي ياد ڪريون ٿا ۽ انه?? جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 23 ۽ 24 جنوري تي تاشقند جو دورو ڪيو. هن اي سي او جي وزارتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، سياحت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ مضبوط علائقائي تعاو?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کا??سو??ءِ علائقائي تعاون تنظيم کي وڌائڻ جي لاءِ واپاري پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ، مضبوط انفراسٽرڪچر جي قيام، شين ۽ خدمت?? جي آزاداڻي چرپر کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي?? جي ڪري پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت?? جي چئلينجن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته وزارتي اجلاس جو هڪ اهم نتيجو باڪو آذربائيجان ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر جي چارٽر تي معاهدو هو، اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي مسئلن تي مهارت ۽ تحقيق تي حصيداري کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته وزارتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران، تاجڪستان، ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن ۽ ازبڪستا?? جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته پاڪستان اي سي او تنظيم جي باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن علائقائي تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ سان گڏوگڏ علائقائي واپار تي خصوصي ڌيان ڏئي سگهجي. ترجمان چيو ته گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان گذريل ڏينهن پاڪستا?? جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهتو، جنهن جو ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته روس جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير ضمير ڪابلوف خطي جي پنهنجي دوري جي هڪ حصي طور هلندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪيو. هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير محمد صادق سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ افغانستا?? جي صورتحال ۽ خطي جي تازي اڳڀرائي تي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان علائقائي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهشن کي ورجايو ته جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ عبوري افغان حڪومت سان مسلسل ۽ عملي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته ٻنهي پاران افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز سميت ماسڪو فارميٽ ۽ افغانستا?? جي پاڙيسري ملڪ?? جي پليٽ فارم جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جار?? رکڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سوئيدن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواي?? جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليت?? جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن. ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قوم?? جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستا?? جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حق?? جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کا??سو??ءِ هوءَ عالمي انساني حق?? جي حوالي سان پاڪستا?? جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي.