اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي ??نيوا ۾ گڏيل قومن سان گڏيل ميزباني ۾ پاڪستان بابت موسمياتي ??بديلي جي اثرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي ??بديلي جي منفي اثرن سان ٿيندڙ نقصان سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جو تمام وڏو چئلي??جز درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي ??بديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪ??هتي ??ي ضرورت آهي. وزيراعظم قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي م??ار??باد ڏني جنهن راندين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.