اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي ??حا??ي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان م??جب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي م??بت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران ??حا??ي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگ??هه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي ??حا??ي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگ??هه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان م??قعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي ??حا??ي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.