اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران 3 ارب ڊالرن جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزا??ه محمد بن سلمان جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. شهزا??ه محمد بن سلمان جي پاڪستان سان محبت جي سچي دل سان قدر ڪريون ٿا. هن چيو ته سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان سان پنهنجي بي مثال محب?? جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي قدم سان پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان جي معاشي پاڻڀرائپ اولين قومي ايجنڊا آهي جنهن جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي.