ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ?? ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿي??دو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪندو، وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماه?? گيرن کي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالها??ين??و.