اسلا?? آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪي م??يش?? جي ترقي ۾ سڄي ملڪ جون چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز لائف لائن جي حيثيت رکن ٿيون، وزيراعظم عمران خان جي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي لاءِ ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري اڄ پاڪستان ۾ سمورريون ڪاروباري سرگرميون کلي ويون آهن، واپاري ۽ ڪاروباري بر??در?? جي نمائنده چيمبرز کي يونيورسٽين سان رابطو بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن نئون نسل به ڪاروباري اصولن ۽ قدرن کي سمجهي سگهي، هو اسلا?? آباد چيمبر ۾ ايڪسپورٽ ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.